SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


خود ڪفالت- پاڻ- ڀرائپ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


خود ڪفالت- پاڻ- ڀرائپ

Self Sufficiency

سيلف سفيشنسي

هڪ اهڙي صورتحال جنهن ۾ ڪو ملڪ پنهنجي وجود جي بقا لاءِ ڪنهن به قسم جي ٻاهرين مدد، امداد يا تعاون جو محتاج نه هُجي ۽ پنهنجي روزاني زندگيءَ جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ ٻئي ڪنهن تي نه ڀاڙي. ان صورتحال سان لاڳاپيل ملڪ کي مڪمل سياسي خودمختياري حاصل ٿئي ٿي. ان حوالي سان بين الاقوامي لاڳاپن ۾ هر ملڪ پنهنجو معاشي پاليسيون وقت ۽ حالتن مطابق جوڙي ٿو. جيڪڏهن ملڪ ”الف“ کي ملڪ ”ب“ کان شيون برآمد ڪرڻ جي لاءِ حالتون اجازت نه ٿيون ڏين، ته ملڪ ”الف“ ملڪ ”ب“ کي اهڙي اڳڀرائيءَ کان منع ڪري ڇڏيندو. پر جهڙي طرح سان جديد تجارتي نظام جڙيل آهي، ان مطابق جيڪڏهن ملڪ ”الف“ طرفان انڪار جي صورت ۾ ملڪ ”ب“ معاشي طور تي مشڪل جو شڪار ٿي سگهي ٿو. جنهن جي نتيجي ۾ علائقائي سطح تي عدم استحڪام جا خطرا رهن ٿا. انهيءَ صورتحال کي سامهون رکندي جديد معاشي نظام جو نظريو ”سيلف سفيشنسي “جي تصور کي رد ڪري ٿو. جيتوڻيڪ اها حقيقت آهي، ته خود ڪفالت يا پاڻ- پرائپ جو عمل خراب حالت (مثال طور جنگ) ۾ ڪنهن ملڪ جو ڳيجهو ٿي وڃڻ کان بچائي ٿو، پر جديد تجارتي نظام ۾ اجتماعي رعايتن ۽ ڀلائيءَ وارين خوبين هجڻ ڪري ، دنيا جون قومون هڪٻئي تي ڀاڙڻ جي حوالي سان مجبور آهن. ڇاڪاڻ جو اهو عمل سندن وچ ۾ لاڳاپن ۾ اعتماد سازيءَ جي عنصر کي وڌائي ٿو. اهو ئي سبب آهي، جو بين الاقوامي تعلقات جي ماهرن ”خود ڪفالت“ واري تصور کي ’اوجهڙ ۾ رهڻ واري عمل‘ سان ڀيٽيندي ان کي ڪنهن به رياست لاءِ هاڃيڪار قرار ڏنو آهي


Remember Me Also:

گولا

اسم خاص. هڪ ذات جو نالو. تعلقي ٺل ۾ هڪ ديهه جو نالو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal